آخوند محمد عالم

آخوند محمد عالم: آخوند محمد عالم پنهور 1800ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ جي عالم ۾ مجازي عشق ۾ ڦاسي پيو ۽ اوچتو پنهنجي محبوب جي مري وڃڻ کان پوءِ ان جي فراق ۾ ڪافيون ٺاهي ڳائيندو وتندو هو. ان وقت سندس پاڙيسري بزرگ ميرزا مراد علي بيگ سائل (مرثيا گوئيءَ ۾ سيد ثابت علي شاهه جي شاگرد) کيس نصيحت ڪئي ته هن مجازي عشق کي ڇڏي دل ۾ حقيقي عشق پيدا ڪر. آخوند صاحب تي ان نصيحت جو گهِرو اثر پيو، پاڻ سڀ لکيل ڪافيون ڦاڙي ضايع ڪري مرثيا لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام ۾ مرثيا، سلام ۽ نوحا شامل آهن. انهن کان سواءِ هڪ فارسي مثنوي ”شاهنامه“ کرڙي جي جنگ تي لکيل اٿس. آخوند صاحب 1870ع ۾ وفات ڪئي. آخوند محمد عالم جا مرثيا اڄ به محرم جي ڏهاڙن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. آخوند صاحب مرثيا گوئيءَ کانسواءِ مرثيا خوانيءَ ۾ به ميرزا مراد علي بيگ جو شاگرد هو. ميرزا صاحب، خيرپور جي ميرن جي امام بارگاهن ۾ مرثيا خواني ڪندو هو، جنهن ۾ پاڻ سان پنهنجي پٽ ميرزا فتح علي بيگ کي ويهاريندو هو، ليڪن آخوند صاحب جي حقيقي عشق کي ڏسندي ان کي به پاڻ سان مرثيا خوانيءَ ۾ ويهاريائين. اهڙيءَ طرح آخوند صاحب مرثيا گوئي توڙي مرثيا خوانيءَ ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو.


لفظ آخوند محمد عالمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.00.00  عيسوي

آخوند محمد عالم پنهور 1800ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو .


1870.00.00  عيسوي

آخوند محمد عالم 1870ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذاڪر حسين طبله نواز
بولا خان جاکرو
شفيع اوڪاڙوي مولانا
صفائي بکري
چنيسر
اجتو فقير راڄڙ
جنيد بن عبدالرحمان
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
پليجو سسئي
پلي رحيم ڏنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون